اسلام آباد:  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ اسان جي پارٽي جي سينٽرل ليڊرشپ جو اجلاس ٿيو آهي، شهباز گل کي به سرڪاري تحويل ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هاڻي اهو اعظم سواتي کي مسئلو آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته ان مامري تي اسان پنجاب ۽ خيبر پختون خوا اسيمبلين جا خصوصي اجلاس طلب ڪنداسين، اسان جا سينيٽر سپريم ڪورٽ ۾ ان حوالي سان پٽيشن داخل ڪندا، پي ٽي آءِ عالمي تنظيمن سان به رابطا ڪندي، جنيوا ۾ تشدد خلاف جيڪا انساني حقن جي ڪاميٽي آهي ان کي لکيو ويندو، اقوام متحده جو تشدد خلاف جيڪو خصوصي ادارو آهي ان کي به لکنداسين، يورپي يونين جي انساني حقن بابت خصوصي نمائندي عالمي پارلياماني يونين کي به هي مامرو لکي موڪلي رهيا آهيون، افسوس سان چوان ٿو ته سينيٽ چيئرمين اعظم سواتي جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا، ان ڪنهن جي خوف کان پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا، ڇا سينيٽ چيئرمين جي ذميواري نه هئي ته اعظم سواتي جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري هو ڪنهن کان ڊنل هو، مون کي معلوم آهي ته جڏهن کان هڪ ماڻهو جي اسلام آباد ۾ پوسٽنگ ٿي آهي تڏهن کان اهي شيون ٿيڻ شروع ٿيون آهن، هي سمورا تشدد جا ڪيس جڏهن کان هو مقرر ٿيو آهن تڏهن کان ٿي رهيا آهن، هي ماڻهو ملڪ جي بدنامي ڪري رهيو آهي ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهو ماڻهو ملڪ جو آئين ٽوڙي رهيو آهي، اهو ماڻهو ادارن خلاف نفرتون پيدا ڪري رهيو آهي، ان ماڻهو آرمي چيف کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي مون کي پورو يقين آهي ته ان جو آرمي چيف کي معلوم نه هوندو، مطالبو ڪيان ٿو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان جي مقرري کان پوءِ ڪڏهن سوشل ميڊيا جي ماڻهن کي پڪڙي ڌمڪيون  ڏنيو ويون، عمران رياض، ارشد شريف  سميت صحافين جي به پويان پيل آهن، شهباز گل پروفيسر هو دهشتگرد نه هو، مطالبو ڪيان ٿو ته انهن مامرن تي مقرر ٿيل شخص خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، اهو نه سمجهيو وڃي ته ان سان ادارن جي ڪوئي عزت ڪندو، ان سان ادارن خلاف نفرت وڌي رهي آهي،