خيرپور (رپورٽر) خيرپور لڳ ڳوٺ محمد رمضان ميربحر جي رهواسڻ نوجوان ناري صوبيا ميربحر کيس اغوا ڪري تشدد ۽ لڄالٽ ڪرڻ جا الزام مڙهيا آهن. ان ڏس ۾ متاثر ناري خيرپور پهچي صحافين کي ٻڌايو ته 9 ڏينھن اڳ بااثر جوابدار خدا بخش ميربحر پنهنجي ساٿين سان گڏ مون کي اغوا ڪيو ۽ گهوٽڪيءَ جي هڪ خالي جڳھه ۾ ترسايو جتي هن مون کي 9 ڏينھن تائين مسلسل جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. دانهون ڪرڻ تي جوابدار مون کي وارن کان گهلي ذهني ۽ جسماني تشدد ڪندا هئا، جتان وجهه وٺي فرار ٿي هتي پهتي آهيان. هن چيو ته مون ۽ منهنجي گھر وارن کي بااثر خدا بخش ميربحر ۽ سندس ساٿين مان سخت خطرو آهي. هن  ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري مون کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.