نندوشھر/ کوسڪي/ شادي لارج( نمائندن وٽان) نندي ڀرسان ڊمپر سوزوڪي مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ ٿرڪول روڊ تي ڳوٺ طالب کوسو ويجهو تيز رفتار ڊمپر بدين مريض کي کڻي ويندڙ سوزوڪي کي ٽڪر هڻي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ ويٺل نوجوان امجد علي احمداڻي بروقت فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا هر هڪ مالڪ ڏنو احمداڻي ، الله وسايو احمداڻي ۽ رارق ڏنو احمداڻي شديد زخمي ٿي پيا، جن کي انڊس اسپتال بدين نيو ويو، جتي زخمي الله وسايو احمداڻي ۽ مالڪ ڏنو احمداڻي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ چڻو رازق ڏنو احمداڻي انڊس اسپتال ۾ داخل آھي، فوت ٿيل ٽنهي ڄڻن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارث  ڳوٺ کڻائي آيا. هوڏانهن فوت ٿيل مان هڪ ڄڻو پنگريو لڳ ڳوٺ دليل احمداڻي ۽ ٻه فوتي کوسڪي لڳ ڳوٺ بچل احمداڻي جا رهواسي هئا جيڪي بيماري سبب ڳوٺ کان بدين وڃي رهيا هئا ته نندو لڳ ڳوٺ طالب کوسو وٽ حادثو پيش آيو هو. هوڏانهن ٻئي طرف کوسڪي پوليس حادثي واري جڳھ تي پهچي ڊمپر ڊرائيور گل حسن پٺاڻ کي گرفتار ڪري کوسڪي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو جڏهن ته ايس ايڇ او کوسڪي ميهار سٺيو موجب فوتي وارثن جي اچڻ بعد گرفتار ڊرائيور تي ڪيس داخل ڪيو ويندو هوڏانهن ٽنهي فوتين جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.