ڳاڙهو  (ن پ ا) ڳاڙهي ڀرسان ناري مبينا اغوا ٿي وئي آهي، جنهن جي وارثن مذهب تبديل ڪرائڻ جو الزام  هنيو آهي. دانڌاري ڳوٺ جي قديم رهواسي پنجو ميگهواڙ جي نياڻي مس سلميٰ ميگهواڙ جي وارثن الزام هنيو آهي ته کيس شاهد انڙ هٿيار بند ساٿين جي مدد سان رات جو گهر مان زوري اغوا ڪري ويو آهي. جنهنجو ڪوبه پتو ناهي. ناري جي والدين پنجو ۽ رڪان ميگهواڙ صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار فون ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيئي وڌيڪ عورتون اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي. هنن چيو ته اسان اهڙو فرياد ڳاڙهو ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھ پر پوليس ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي هنن خدشو ڏيکاريو ته سندن نياڻي تي تشدد ڪري زوري مزهب مٽائي شادي ڪيئي ويندي هنن انساني حقن جي جماعتن وزير اعليٰ سنڌ هاء ڪورٽ سنڌ کي مدد ۽ واهر جي اپيل ڪيئي آھي ته نياڻي کي بازياب ڪرائي هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.