سکر (بيورو رپورٽ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۽ سپلا وچ ۾ اختلافن سبب 25 آڪٽوبر کان ٿيندڙ ڪاليج سائيڊ جا امتحان ملتوي، يونيورسٽيءَ جي امتحانن واري ڪنٽرولر ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ وارو سلسلو جاري ھجڻ جو جواز ڄاڻائي ايل ايل بي، ايم اي، بي اي، بي ڪام ۽ بي ايس سي جي امتحانن جو نئون شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، امتحانن لاءِ فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ 21 آڪٽوبر، فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 24 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي. يونيورسٽيءَ انتظاميا طرفان جاري ڪيل نئين امتحاني شيڊول بعد سپلا ھڪ ڀيرو ٻيھر امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. تفصيل موجب شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 25 آڪٽوبر کان ڪاليج سائيڊ جا ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪندي نئون شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آھي، يونيورسٽيءَ جي امتحانن واري ڪنٽرولر طرفان جاري ڪيل نئين شيڊول مطابق ھاڻي امتحان 11 نومبر تي ٿيندا. ايل ايل بي، ايم اي، بي اي، بي ڪام، بي ايس سي جي اميدوارن لاءِ امتحاني فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ 21 آڪٽوبر، جڏھن ته فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 24 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي. هوڏانهن سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن (سپلا) سکر ريجن جي صدر پروفيسر مشتاق حسين ڦلپوٽي واضح ڪيو آھي ته استادن جي رھيل معاوضي جي ادائگي تائين امتحان جو بائيڪاٽ جاري رهندو. ھن ٻڌايو ته ڪاليج سائيڊ بي اي، بي ايس سي، ايم اي، بي ڪام جي امتحانن مان يونيورسٽيءَ کي ساليانو ڏيڍ ارب رپيا آمدني ٿيندي آھي، پر لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ رپين جون رھتون ادا نٿيون ڪيون وڃن. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا جي نااھليءَ سبب ھزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳايو ويو آھي. گذريل سال جي امتحانن جي نتيجن ۾ ڄاڻي واڻي سوين شاگردن کي غير حاضر ڄاڻائي ڪرپشن جا دروازا کوليا ويا آھن. سپلا اڳواڻ واضح ڪيو ته رھتن جي ادائگين تائين امتحانن جو بائيڪاٽ جاري رھندو.