ڪيٽي بندر(ن.پ.ا) کارو ڇاڻ جي سامونڊي پٽي  ڪاھر ڪريڪ  تي  ھڪ ھوڙو ٻڏي وڃڻ جا اطلاع آهن .ذريعن کان معلوم ٿيو آهي تہ الڪوثر نالي ٻڏي ويل ھوڙي ۾ ڏھ ملاح ھئا .جن مان اٺ ڄڻا سلامت پھچي ويا آهن . جڏھن ته ٻہ ماھيگير لاپتا آهن . ھوڙي جو ناکو محمد حسين آھي جڏھن ته مالڪ جو نالو محمد سليم ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي ڪراچي جا رھاڪو آهن ۽ مڇي جو شڪار ڪرڻ لاء ڪاھر ڪريڪ تي ويل ھئا.