اشو آف دي ڊي … وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه جي ورسي، سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

0
298

 وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه جي ورسي تي سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٽربيوٽ ٽو سورهيه بادشاهه ٽرينڊ هلايو ويو، ان حوالي سان حيدر جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته “سورهيه بادشاھ”شھيد صبغت الله شاھه (ثاني) جي عظمت کي سلام ، 20 مارچ 1943ع شھادت جو ڏينھن، عبدالمجيد قريشي، حسن پٺاڻ ۽ عجب گل به سرخ سلام پيش ڪيو، مرڪ منان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شھادت اسان جي مٿي جو تاج آھي اڳتي وڌي پائڻ اسان جي روايت آھي.(سورهيه بادشاهه) 20 مارچ تي شهادت جو جام پي سنڌ وطن لاءِ سِرُ ڏيندڙ حُر تحريڪ جي روح روان سورهيه بادشاھ کي نمي سلام، جنهن تي فراز سولنگي لکيو ته سنڌ جو پهريون مسنگ پرسن…سنڌ جي آزاديءِ لاءِ شروع ڪيل حُر گوريلا جنگ جو پهريون مسنگ پرسن اڳواڻ سورهيه بادشاھ هو ، جنهن کي انگريزن گڻنگ بنگلي سانگهڙ مان ڪنهن پنهجي ئي مقامي غدار جي مدد سان ڇاپو هڻي پڪڙيو ۽ کنڀي گم ڪري ڇڏيو . جنهن جو حيدرآباد جيل اندر ئي ڪيس هلائي کيس ڦاسي ڏئي لاش ئي گُم ڪيو ويو …اڃا روح رُوپلي جو روپوش آهي… اڃا سُورهيه جي قبر جو پتو ئي نه ٿئون…انکانپوءِ تاريخ پنهنجو قلم ٽوڙي ڇڏيو ۽ سنڌ جي آزاديءِ جي جنگ جاري رهي…شهزاد اعظم ڏاهري لکيو ته وطـن يـا ڪـفـن آزادي يـا مـوت جو نعرو ھڻندڙ سنڌ ڌرتي جي انمول شھيد سورھيه بادشاھ جي شهادت جي موقعي تي ڪروڙين سلام، فدا حسن بجاراڻي، آغا محمد خان، زبير اسدالله تنيو، سراج گاڏهي، ڪامريڊ دادا سنڌي، مختيار ڀنڀرو به ڀيٽا پيش ڪئي. انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وطن يا ڪفن .آزادي يا موت، سنڌ وطن جي آزادي  لا۽ انگريز  سامراج خلاف  آزادي يا موت وطن يا ڪفن  جو نعرو بلند ڪري ننڍي عمر م  انگريز سامراج خلاف سنڌ وطن جي آزاديءَ لاءِ ڊگهي گوريلا جنگ ڪندڙ شھيد سورهيه بادشاھ جي عظمت کي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو. منظور ميراڻي، عبدالرسول ملاح به ڀيشا پيش ڪئي.شوڪت حيدري پوسٽ شيئر ڪئي ته فطرتي طرح سان انسان آزاد پيدا ٿيو آھي ۽ اسان جي عقيدي مطابق موت جو ڏينھن ۽ وقت مقرر آھي جنھن کي ڪير به مٽائي نٿو سگھي، ته پوء مالڪ حقيقي کانسواء مخلوق جي اڳيان جھڪڻ جي ضرورت ڪانھي.اھو ئي پيغام آزادي جي علمبردار شھيد سورھيه بادشاھ ڏنو. گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪئي ته وطن يا ڪفن، آزادي يا موت!

برٽش جنرل ۽ سورهيه بادشاهه پير پاڳاري جي وچ ۾ ٿيل ڳالھه ٻولھه جو چونڊ ٽُڪرو.

جنرل:

توھان کي سڄي خيرپور رياست ڏيون ٿا آزادي جي ڳالھه تان ھٿ کڻو،

پير صاحب پاڳارو :

سودي بازي بلڪل بہ نہ ٿيندي ، منھنجي جسم ۾ حُسيني خون آھي ،

جنرل:

سَر جو خطاب وٺ ، ھڪ بندوق اسان جي طرفان توھان لاءِ تحفو ، سانگھڙ به توھان جو خيرپور رياست به توھان جي ، رڳو حُرن کي جنگ بندي جو نياپو موڪل،

پير صاحب پاڳارو :

ھٿيار اسان وٽ گھڻا آھن ، لقب پير پاڳارو ڪافي آھي ، مان رڳو سانگھڙ ۽ خيرپور نه پر سڄي سنڌ آزاد ڪرائيندس،

جنرل :

بغاوت جي سزا ڦاسي آھي ،

پير پاڳارو :

شھادت اسان جي سِرَن جو تاج آھي ، اڳتي وڌي پائڻ اسان جي روايت آھي. ( استاد حجت سنڌي)

فرحان خان تنيو پوسٽ شئير ڪندي لکيو ته سنڌ وطن جي هزارين ورهين تي ٻڌل تاريخ ۾ ھن ڌرتي جي وجود جي بقا، عوامي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ باطل قوتن سان جنگ جوٽي شھادت جو عظيم مرتبو ماڻيندڙ بهادر جوڌن جو وڏو انگ آھي پر جهڙي ريت پير سيد صبغت الله شاهه راشدي انگريز سامراج خلاف پنهنجي حر پيروڪارن سان گڏجي جنگ جوٽي ۽ شھادت جو جام پيتو اهو عمل کيس شھيدن ۾ مٿانهون ۽ سرس مقام عطا ڪري ٿو.”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“ جهڙو انقلابي پيغام ارپيندڙ سنڌ جي عظيم شھيد سورهيه بادشاهه جو 80هون شھادت ڏھاڙو آھي. کيس نمي سلام پيش ڪريون ٿا. جنهن تي سالم ابڙو، مشتاق تنيو، حبيب رحمان تنيو، جاويد سومرو به سرخ سلام پيش ڪيو. سرمد ادل سولنگي شيخ اياز جي شعر سان ڀيٽا پيش ڪئي:

مُنهنجا وَڏڙئو! ڪيئَن ڇُپايان

آنءُ اوهان کي شِريانين ۾ ؟

آنءُ اوهان جو نانءُ وٺي غدار ٿيان ٿو،

ڄڻُ ڌرتيءَ تي بارُ ٿيان ٿو،

ڌرتيءَ جي تاريخَ اوهان ۾

ڪيڏي لنبي چيخَ اوهان ۾

ٻوساٽيلَ آ،

نانءُ ڪتابَن ۾ ڪاٽيل آ !

ڳاله اوهان جي ڪرڻي آ سُرٻاٽَ ڪري

نانءُ نه وٺڻو آهي، اوچو ڳاٽُ ڪري !

مُنهنجا وَڏڙئو !

پورَ پورَ ۾ منهنجي ويهي شورُ ڪيو ٿا

شورُ به زوران زورُ ڪيو ٿا

طوفانن جئن ويرانين ۾ !

ڪيئَن ڇُپايان شِريانين ۾

آنءُ اوهان کي ؟…(شيخ اياز)

وشنومل ٽوئيٽر تي لکيو ته سورهيه بادشاهه ڌارين حملي آورانگريزن سان طويل جنگ شهادت قرباني۽عظمت جوبلندمثال آهي ان وقت جي ايم سيد سورهيه بادشاهه کي مسلم ليگ جي ساٿ ڏيڻ لاءِ وٽس ويو سورهيه بادشاهه ان بابت ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا اهي عثمان ڏيپلائي سانگھڙ ناول۾لکيا آهن جي ايم سيد ان جي تصديق ڪئي آهي کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.استاد راهي سومرو لکيو ته ان وقت جي ڪليڪٽر, پير صاحب کي امن قائم ڪرائڻ جي حوالي سان خطاب ڏيڻ لاءِ چيو جنھن تي پير صاحب وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان کي پنھنجو خانداني خطاب پير پاڳارو ئي ڪافي آھي.سعيد سانگري لکيو ته شهادت اسانجو تاج آهي، اڳتي وڌي ان کي پائڻ اسان لاء عبادت آهي(سورهيه بادشاهه)  طفيل احمد لکيو ته پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاء وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻي حر تحريڪ جهڙي گوريلا ويڙهه ڪندي سنڌ وطن تان قربان ٿي ويل سنڌ جي عظيم انقلابي ليڊر شهيد سورهيه بادشاهه جي يوم شهادت تي کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا. فهد مڱريو، فقير بلال خاصخيلي، سرتاج احمد، نصيب ملاڻو، مولابخش، عزيز کاهوڙي، اڪبر سومرو، ظهور بنگلزئي، ڪاشف سومرو، ڪامريڊ ثاقب، حق ابڙو ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. وطن يا ڪفن آزادي يا موت جھڙو انقلابي نعرو ھڻي انگريز سامراج خلاف جنگ جوٽي شھادت جو رتبو ماڻيندڙ امام انقلاب صبغت الله شاھ (سورھيه بادشاھ) کي شھادت جي ڏھاڙي تي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو.