لاهور(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري پاڪستان جو شيڊيول تبديل ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ بورڊز تبديلي تي اتفاق ڪيو، دوري ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ 5 ون ڊي کيڏيون وينديون. نيوزيلينڊ جي ٽيم هاڻي پهريان لاهور ايندي پوءِ راولپنڊي ۽ آخر ۾ ڪراچي ۾ ميچز کيڏيون وينديون. ان کان اڳ جاري ڪيل شيڊيول ۾ سيريز جي شروعات ڪراچي کان ٿيڻي هئي ۽ پوءِ لاهور ۽ آخر ۾ راولپنڊي ۾ ميچز ٿيڻيون هيون. لاهور ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز 14، 15 ۽ 17 اپريل تي ٿينديون، راولپنڊي ۾ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچز 20 ۽ 24 اپريل تي کيڏيون وينديون ۽ راولپنڊي ۾ پهرين ون ڊي ميچ 26 اپريل تي کيڏي ويندي. ڪراچي ۾ 4 ون ڊي ميچز کيڏيون وينديون جن جون تاريخون 30 اپريل، 3، 5 ۽ 7 مئي آهن. پي سي بي جو چوڻ آهي ته ون ڊي ميچز سان پاڪستان ٽيم کي ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جي تيارين جو موقعو ملندو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع لاءِ ٽيم ڪوري بلڊ ڪرڻ لاءِ مدد به ملندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شيڊيول ۾ تبديلي پنجاب ۾ صوبائي چونڊن جي ڪري ڪئي وئي آهي.