سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ حضرت آدم شاھ ڪلهوڙي جو 425هون عرس شروع ٿي ويو. ان موقعي تي سنڌ پنجاب جي ٽيمن وچ ۾ ڪوڏي ڪوڏي راند جو مقابلو ٿيو، سخت مقابلي سنڌ جي ٽيم پنجاب جي رانديگرن کي شڪست ڏئي ڇڏي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ميرمحمد ڪلهوڙي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حاجي ديدار جتوئي رانديگرن ۾ انعام ورهايا. ميان محمد آدم شاهه ڪلهوڙي جي عرس جي موقعي تي  وڏي انگ ۾ شوقينن شرڪت ڪري پهلوانن کي داد ڏنو. سنڌ ۽ پنجاب جي پهلوانن ۾ زبردست مقابلي بعد سنڌ جي ٽيم 15 جي مقابلي ۾ 16 پوائنٽس حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي. ڪامياب ٽيم جي رانديگرن۾ روڪ رقم، ٽرافيون ۽ ميڊل ورهايا ويا.