اشو آف دي ڊي … مينهن ٿي ڍڳي کي چوي هل پڇ ڪاري: عاجز ڌامراهه جي قومپرستن بابت بيان تي سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
165

 عاجز ڌامراهه جي قومپرستن بابت بيان تي سوشل ميڊيا جو شديد ردعمل ڏنو ويو، عاجز ڌامراهه مٿان تنقيد ڪئي وئي، عاجز ڌامراهه بيان ڏنو ته جلال شاهه جي اصليت جو سڀني کي علم آهي، سنڌ جو عوام قومپرستي جو ڌنڌو ڪندڙ پيٽ پرستن کي سڃاڻي ٿو، اهڙي پوسٽ شيئر ڪندي عابد علي لکيو ته مينهن ٿي ڍڳي کي چوي هل پڇ ڪاري، جنهن تي عبدالله لکيو ته اوهان سائيڪل تي چڙهي جيڪو سچ ڳالهايو اهو به سڀني کي ياد آهي، غلام قادر، رياض خاصخيلي، يوسف چانڊيو، جگنو ڀرڳڙي به ردعمل ڏنو. محمود احمد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سائين زين شاهه جو ڪامياب مارچ ڏسي، پ پ وارن کي پيٽ ۾ مروڙ پوندا،اها ته خبر هئي،پر اسانجي سوچ کان سائين جن کي پيٽ ۾ ڪجهه زياده مروڙ پيا آھن آ،عاجز ڌامرهه به سن جي سيدن تي تنقيد پيو ڪري..جنهن تي نجيب چانڊيو لکيو ته جلال شاهه جي اصليت سڀني کي خبر آهي تڏهن ته سڀ ساڻس پيا ڪن ٿا. علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تنهنجي اصليت جي وري اسان کي خبر آ، رات جي وقت ڄامشوري ڦاٽڪ تي ڇا ڪندو هئين۽ ورسٽي جي شاگردن کي چوندو هئين، ته جسافين کان بچايو انهن کان مونکي ڊڄ ٿو ٿئي، هڪ سينيٽري ملڻ تي پنهنجي ماضي کي ٿو وسارين، اسين تنهنجي انهن ڏينهن جا گواهه آهيون، جنهن وقت تو وٽ هلڻ لاءِ نه گاڏي هئي ۽ نه ڪا سواري ماٺ ڀلي آهي، سيد خاندان جي اصليت اوهان کان سئو ڀيرا وڌيڪ فضيلت ڀري آھي. ببلو مڱريو، شاهه مردان شاهه، قربان گاڏهي، ڪيريو آفتاب، جانب ٽالپر، آصف علي دايو، مرزا خان، اميت ڪمار، امجد مهيسر، جهانگير مهيري به ردعمل ڏنو. سيد منير حيدر شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هي پ پ وارا سڀني کي منٿون ڪري رهيا هئا ته سندن APC واري ڊرامي جو حصو ٿيون ، جيڪو غيرت مندن ٿيڻ کان انڪار ڪيو  باقي هن بيان مان آئون متفق آهيان. سنڌي عوام بلڪل سمجهي ٿي ته سنڌ کي ڪارڊ ڪري استعمال ڪير ڪندو آهي . سنڌ مارچ هنن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي. ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏سنڌو درياءَ تي ڪتاب لکڻ لاءِ اتان جي مقامي وڏيرن، بااثرن مدد ڪئي رھائش، کاڌو ۽ ٽرانسپورٽ مھيا ڪيو پر آخري ڏينهن تي چوندا ھئا ته يا اسان سان ياري رک يا شادي ڪر! بس ھڪڙو ماڻھو ھو جنھن مون کي عزت ڏني ۽ اجرڪ پارايو اھو سيد جلال محمود شاھ هو. (ليکڪا  ايليس البينيا)جنهن تي گلزار ملاح لکيو ته اها ڳالھ ان ئي ڪتاب ۾ لکي اٿس يا ڪنهن انٽرويو ۾ چئي اٿس؟ قاسم عادل لکيو ته ڪتاب ۾ سائين جو ڪٿي به زڪر نه ڪيو اٿس. پر مائي کي جس ڏيڻ کان سواء رهجي نه ٿو سگهجي ، سنڌو دريا جي ڇوڙ کان منڍ جتان آبشارن جتان چشمي جي صورت ۾ وهي نڪري ٿو ، جو سفر ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ رهندڙ قومن جو ذڪر تاريخي حوالن سان ڪيو اٿس. هن جو مقامي ماڻھن سان گهلي ملي وڃڻ، انهن رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ ، هن کي پيش ايندڙ واقعن کي ۽ اتان جي ماڻهن جي رسمن ريتن کي اهڙي ڊرامائي انداز ۾ لکي بيان ڪيو آھي دل جي ڪنهن اندر خانن مان هن کي داد ڏيڻ کان سواء رهي نه ٿي سگهي . واقعي مائي ڪمال ڪيو آھي. ھڪ دفعو هن جو لکيل ڪتاب ضرور هٿ ڪري پڙھڻ گهرجي. اهڙي انداز ۾ لکيل آھي هر پيراگراف پڙھڻ کان پوء ازخود دل چوي ٿي اڳتي پڙھجي. ڪتاب پڙھڻ کان پوء دل چوي ٿي اهو ڪتاب وري وري پڙهجي. جنهن هي ڪتاب پڙھيو ڄڻ سنڌ جي ڄڻ تاريخ پڙهي ورتي. پير عرفان علي لکيو ته ٿورو چيو سچ اٿس پر وري به مذمت جو رخ ڪيون ٿا عاجز ڌامراهه طرف، راشد ٽالپر، مظفر علي، سارنگ زين چانڊيو، مير مرتضيٰ ٻرڙو به عاجز ڌامراهه خلاف پوسٽون شيئر ڪيون. غلام مرتضيٰ ڪيريو لکيو ته تنهنجي پارٽيء کي جڏهن رياست داٻو ڏيندي آهي ته اھا قومپرستي جو راڳ ڳائيندي آهي عاجز ڌامراھ تنهنجي اصليت کان به واقف آهيون.