اشو آف دي ڊي نوڪرين لاءِ چالان جمع:آءِ بي اي ۽ بينڪ خلاف شڪايتون، تجويزون

0
162
اشو آف دي ڊي نوڪرين لاءِ چالان جمع:آءِ بي اي ۽ بينڪ خلاف شڪايتون، تجويزون

  آءِ بي اي سکر پاران سنڌ سرڪار جي گريڊ 5 کان 15 تائين ملازمتن تي ڀرتين لاءِ چالان جمع ڪرائڻ جي ڪالهه آخري تاريخ هئي جيڪا بعد ۾ وڌائي وئي، ان حوالي سان اڪثر ماڻهو سوشل ميڊيا تي به پريشان رهيا ۽ هڪ ئي سوال ڪندا رهيا ته ڇا آءِ بي اي تاريخ وڌائي آهي؟ ڪجهه ماڻهو وري اها تجويز ڏيندا رهيا ته آءِ بي اي کي تاريخ وڌائڻ گهرجي، ان بي چيني واري صورتحال ۾ بينڪن جي انتظامن جون به دانهون ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ عبدالحفيظ لغاري هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن چالان جمع ڪرائيندڙ ماڻهن جي رش نظر اچي پئي، جنهن تي هن لکيو ته آءِ بي اي سکر ٽيسٽنگ سروس کي جيڪر ڪو هي عرضي پهچائي سگهي ته مهرباني ٿيندي.آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽنگ سسٽم ۾ درخواستگذار جڏهن فارم ڀري وٺي ٿو ته سسٽم جڏهن چالان/ووچر جنريٽ ڪري ٿو ان کي ايم سي بي،اي بي ايل بئنڪ يا انهن ئي بئنڪن جي اڪائونٽ رکندڙ پاران آنلائن جمع ڪرائي سگهجي ٿو.

جيڪر اهو ئي ڪم ايزي پيسا يا جيز ڪئش جي ذريعي ٿئي ته ڏاڍو سهنجو ٿيندو. اي بي ايل ۽ ايم سي بي جون برانچون هر شھر ۾ ناهن نه وري هر درخواستگذار يا سندن ڪنهن رشتيدار وٽ ان بئنڪن جو اڪائونٽ پر جيز ڪئش يا ايزي پيسا هر ڪنھن وٽ هوندا آھن. آءِ بي اي سکر ۽ جيز ڪئش/ايزي پيسا جو تڪڙو معاهدو ٿيڻ کپي. جنهن تي اشتياق لاکير لکيو ته ٻين بئنڪن مان به آن لائن ڪرڻ گهرجي،قربان علي شر لکيو ته هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر اسان جي نوجوانن کي آخري تاريخ تي يادگيرو ڇو ايندو آهي ته هاڻي ڀلا اپلاءِ ڪجي؟ امين محمد کتري بدين جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته  سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ بيروزگار نوجوان سکر آءِ بي اي پاران اعلانيل ٽيسٽ في جو چالان جمع ڪرائڻ لاءِ ايم سي بي آڏو ڊگهي قطار ۾ بيٺل آهن ها حالت سنڌ جي هر شهر ۾ آهي بئنڪ برانچز آڏو  سوين بيروزگار نوجوانن جون قطارون آهن،

سنڌ سرڪار کي گهرجي ته چالان جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪري بيروزگار نوجوانن کي سهولت ۽ هڪ وڌيڪ موقعو فراهم ڪري ته جيئن ڪير رهجي نه وڃي. جنهن تي وسيم منگي لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ به اهڙي صورتحال آهي، هڪ صارف لکيو ته اسان به اليڪشن ۾ ووٽ لاءِ ايندڙ اميدوارن کي ايئن قطارن ۾ بيهاريون، محبوب حسين ملاح لکيو ته هيتري مهانگائي ۾ چالان وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، وحيد علي گوپانگ لکيو ته ساڳيو مسئلو قمبر شهر ۾ به آهي، سنڌ جي هر شهر ۾ اهڙا منظر ملندا، عابد حسين لغاري، مريد حسين، منظور ڪلوئي لکيو ته باقي هيترا ڏينهن انهن چالان ڇو نه جمع ڪرايو؟ ستا پيا هئا ڇا؟ علي حبيب پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي جلسي جو ڏيک ڏيندڙ نوجوان نه ڪنهن جلسي ۾ شريڪ ٿيا آهن ۽ نه وري ڪنهن پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن

پر هيءُ سنڌ جو شعور پنهنجي روشن مستقبل جا خواب کڻي الائيڊ بئنڪ ڀرياروڊ ٻاهران سنڌ حڪومت جي ڪيل نوڪرين واري نئين اعلان کانپوءِ آءِ بي اي جي چالان پيارڻ جي اوسيئڙي ۾ قطارون ٺاهي بيٺل آهي، اها الائيڊ بئنڪ جي مهرباني آهي جو وري به چالان وٺي پئي پر مسلم ڪمرشل بئنڪ (ايم سي بي) ته لنڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي چالان وٺڻ کان ئي جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سوين ڇوڪرا پريشان آهن، آءِ بي اي کي گهرجي ته ٻين بينڪن يا موبي ڪيش ۽ ايزي پئسه ذريعي سهولت فراهم ڪري، ۽ حڪومت کي گهرجي ته اپلاءِ جي تاريخ وڌائي جيئن غريب اميدوارن جي پريشان دور ٿي سگهي. جنهن تي مير مرتضيٰ جمالي لکيو ته حڪومت مهينو اڳ اشتهار جاري ڪيو هو اهي سست ماڻهو آهن جن کي اڄ خبر پئي ته آخري تاريخ آهي.منصور باگڙي لکيو ته آئون رش ڏسي موٽي آيس،

صفدر علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي دوست آءِ بي اي جو چالان ڀرڻ لاءِ پريشان آهن اهي پريشان نه ٿين آن لائن چالان ڀرائن. رضوان علي رند وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي شهر ۾ اي بي ايل ۽ ايم سي بي بينڪن سامهون اوهانکي نوجوانن جي رش لڳل نظر ايندي جيڪي چالان پيئارڻ لاءِ پريشان آهن، آءِ بي اي وارن کي تاريخ وڌائڻ گهرجي. جنهن تي صبغت الله سومرو لکيو ته چالان جي ضرورت ڪهڙي هئي صرف غريبن کي لٽڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، عبدالصمد سومرو لکيو ته اهو ڪمائي جو طريقو آهي، حورين مير به لکيو ته تاريخ وڌائڻ گهرجي، غزالا آصف لکيو ته شڪارپور ۾ به ايئن ئي رش آهي، امين سرواڻ به اهڙي وڊيو شيئر ڪئي. منصور لاکير رش واريون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته آءِ بي اي طرفان چلان جي آخري تاريخ هئڻ ڪري ايم سي بي بينڪ ميھڙ ۾ رش، صبح  کان لنڪ ڊائون جي ڪري ماڻهو پريشاني جو شڪار آهن،

چالان جمع ڪرائڻ جي تاريخ وڌائي وڃي. جبار حبيباڻي لکيو ته اڄڪلھه سرڪاري نوڪرين لاءِ درخواستون گهرائڻ جو سڄو سسٽم  تقريبن آن لائين ٿي ويو آهي پر چالان جمع ڪرائڻ جو طريقو اهو ساڳيو پراڻو جاري آهي. انهي کي به آن لائين ڪرڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي. ايزي پئسا، جاز ڪيش يا آن لائين بئنڪنگ جي ذريعي به چالان جمع ڪرائڻ جي سهولت مهيا هئڻ گهرجي  جنهن کانپوءِ انهي جو چالان پرنٽ ڪري يا سافٽ ۾ محفوظ ڪري درخواست سان گڏ اٽيچ ڪري موڪلڻ جو آپشن هئڻ گهرجي. انهي سان بئنڪن تي هجوم به گڏ نه ٿيندا ۽ نه ئي وري بئنڪن جو نارمل بزنس متاثر ٿيندو.  اميدوارن کي به گهڻي ڇڪ ڇڪان ڪونه ڪرڻي پوندي. حڪومت کي هن طرف ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي.

نظام جمال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آءِ بي اي وارن چالان جمع ڪرائڻ جي تاريخ وڌائي آهي يا نه؟ ڪنهن کي خبر هجي ته ٻڌائي، جنهن تي سيد عقيل طفيل قاضي، نظام نور ڪاڪا، اي جي خان، عمير علي، اويس ڏاهري ۽ ٻين لکيو ته تاريخ وڌائي وئي آهي، منير لغاري لکيو ته تاريخ ناهي وڌائي وئي، عاقب اصغر گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تاريخ 7 ڊسمبر تائين وڌائي وئي آهي، جنهن تي به اڪثر ماڻهن ڀروسو نه ڪندي ڄاڻايو ته ايڊيٽنگ آهي، جن ۾ مير فائق، عبيد کنڊ ۽ ٻيا شامل هئا، هانيه ڊول پوسٽ شيئر ڪئي ته ايم سي بي ۾ چالان ڀرڻ دوران ڪو مسئلو ته ناهي؟ جنهن تي بيرام لکيو ته سسٽم بند پيو آهي، فهم خان ۽ ڪاشف حسين لکيو ته ڪو مسئلو ناهي، حاجي خان دايو لکيو ته ان بينڪ جو سسٽم بند پيو آهي.