ويلنگٽن(دلچسپ نيوز) ڳورهاري عورت پارليامينٽيرين ويم لاءِ سائيڪل تي پهچي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيوزيلينڊ ۾ اسيمبلي ميمبر جولي اين جينٽرسائيڪل ڪاهي اڪيلي اسپتال پهتي، اسپتال انتظاميا فوري طورسندس آپريشن ڪيو، جنهن بعد جولي صحتمند ٻارڙي کي جنم ڏنو. ان موقعي تي جولي اين جينٽر جو چوڻ هو ته گهر ڀاتي ستل هئا، انڪري مون ڪنهنکي جاڳائڻ بدران پاڻ ئي سائيڪل ڪاهي اسپتال پهتيس، هن چيو ته ٻارڙي کي جنم ڏيڻ بعد اسپتال انتظاميا جڏهن منهنجي گهرڀاتين کي فون ڪري اطلاع ڏنو ته اهي حيران ٿي ويا.