ٿاڻوبولاخان (رپورٽ: سهيل يوسف) ٿاڻوبولاخان تعلقي جي علائقن ٿاڻوبولاخان، ٿاڻو احمد خان ،مول، تونگ، ڪرچات، ٽڪو ڀارڻ سميت کير ٿر جبل جي جابلو پٽي وارن علائقن ۾ ڳڙن سان گڏ تيز طوفاني برسات سبب ڪيترن ئي گھرن جو ڇتيون اڏامي ويون، جڏهن ته  5 ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، شهر ۾  ڀت مٿان ڪرڻ سبب 6 ورهين جي مرحبا ڌيءُ حيدري لونگاڻي دٻجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته اجي پٽ معشوق جوڳي، وسيم پٽ سليم ۽ درانو پٽ رشيد جوڳي سخت زخمي ٿي پيا. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته تيز طوفاني برسات سبب مواصلات جو نظام درھم برھم ٿي ويو، برسات بعد مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکائيون آهن.