اسلام آباد (بيورو رپورٽ/ م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 جا غير قانوني قدم ختم ڪري سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب گيمبيا ۾ ٿيندڙ 15هين اسلامي سربراهي اجلاس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستاني وفد اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي کاتي ٻڌايو ته اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ماحول جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته او آءِ سي رابطا گروپ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو به جائزو ورتو. اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 جا غير قانوني قدم ختم ڪري سمورا سياسي قيدي آزاد ڪري، ڀارت منظم طريقي سان ڪشميري عوام کي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ڀارتي اختيارين اختلاف راءِ کي چٿڻ لاءِ خوف ۽ هراس جو ماحول پيدا ڪيو آهي، ڀارتي اڳواڻن جي چڙ ڏياريندڙ بيانن ۽ بنا جواز دعوائون جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڀارت جون اهي ڪارروائيون علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهن، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عملدرآمد ڪري.