اسلام آباد (م ڊ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف پروگرام سان سلهاڙيل هجڻ ڪري بجيٽ جي تياري رولڙي جو شڪار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ٽيڪس اوڳاڙي ۽ بجيٽ خسارو طئه ڪرڻ کان پوءِ باقي شيون طئه ٿي سگھنديون، جڏهن ته وفاقي وزارتن لاءِ ترقياتي بجيٽ جي حد به اڃا طئه ناهي ٿي سگھي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ناڻي وزارت موجب بجيٽ اسٽريٽجي پيپر 25-2024ع اڃا تائين تيار ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته بجيٽ اسٽريٽجي پيپر 22 اپريل تائين منظور ڪرائڻ جو هدف هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ساليانو پلان ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جا اجلاس به ناهن گھرايا ويا جڏهن ته قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس مئي جي ٻئي هفتي ۾ رٿيل هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا لاءِ بجٽ دستاويز جي تڪميل هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته نئين مالي سال جي بجيٽ جون جي پهرئين هفتي ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي به وفاقي بجيٽ تي بريفنگ ڏني ويندي پر قومي اسيمبلي، سينيٽ جي ناڻي ۽ منصوبا بندي بابت ڪاميٽيون به اڃا تائين ناهن جوڙيون ويون.