لنڊن(دلچسپ نيوز) شاعري ۽ مصوري ڪندڙ عورت روبوٽ تيار ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي شهرآڪسفورڊ جي انجنيئر ايڊين ميلر هڪ انوکو روبوٽ کي ڊزائن ڪيو آهي ان انوکي روبوٽ جو سافٽ ويئر ۽ الگورٿم پهرين تقريرون ۽ لکتون پڙهي ڊيٽا گڏ ڪئي ان بعد ان مان مناسب لفظ جوڙي شاعري ڪري ٿو ، ماهرن جو چوڻ آهي ته في الحال ان کي محدود پئماني تي آزمايو پيو وڃي پر عورت جهڙو اهو انوکو روبوٽ جلد ئي عام وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.