اسلام آباد (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور  چيو آهي ته وفاقي حڪومت فارم 47 تي مينڊيٽ چوري ڪري آئي آهي. وزيراعظم ۽ صدر جي حلف برداري ۾ به نه ويس، ان ڪري انهن لاءِ آندل گورنر جي حلف برداري ۾ به نه ويس.  خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته هر قيمت تي پنهنجو کسيل مينڊيٽ واپس وٺندس. عدالتن مان انصاف نه مليو ته کسي وٺندس.  هن چيو ته بلاول کي چوان ٿو ته اڄ کان تنهنجو گورنر ڪي پي ۾ داخل نه ٿيندو. چيلينج ڪري ڇڏيو اٿم، هاڻ توهان پنهنجو گورنر هوندي به ڪي پي ۾ نه اچي سگھندا. هن چيو ته هنن هر اٽڪل استعمال ڪري ڏٺي، هاڻي رڳو مارڻ رهجي ويو آهي.  مخصوص سيٽن بابت عدالتي فيصلي سان قومي اسيمبلي ۾ اسان جي اڪثريت ۾ اضافو ٿيندو.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي نٿو لڳي ته گورنر سان ملاقات جي ضرورت آهي.  وزيراعظم سان ملاقات مجبوري به آهي. گورنر سان اهڙو ڪو ڪم ناهي.  هي گورنر راڄ لڳائڻ جوشوق به پورو ڪري ڏسن. پي ٽي آءِ باني جي وزن موجب اسيمبلي ۾ قانونسازي ڪرڻي آهي.  اسان کي اميد آهي ته هاڻي اسان کي پنهنجون مخصوص سيٽون واپس ملي وينديون. اسان جا 13 نمائندا اسيمبلي مان کسيا ويا، اهي ايندا ته جوڊيشل ڪميشن لاءِ بل پاس ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.   هي ڪو اهڙو قدم کڻندا ته ڪي پي حڪومت پنهنجو حق وٺڻ ڄاڻي ٿي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي صوبي جو سڀ کان وڏو امن امان قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته خوف جو بت اسان جي پارٽي ٽوڙيو آهي هاڻي “مان“ جو بت ٽوڙيندس. ڳالهين جو ماحول وڌيڪ سازگار ٿيو ته پي ٽي آءِ باني کان وڌيڪ گائيڊ لائن وٺندس.  اشارن تي هلندڙ سان ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي.  ڳالهين ۾ پهرين شيءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي، ادارن جي آزادي آهي.  هن چيو ته عمران خان ثابت ڪيو ته سندس ڪا ذاتي ايجنڊا نه هئي.  اسان جو مقصد حڪومت نه نظريو ۽ تبديلي جي تحريڪ آهي. 9  مئي ۾ سڀ کان گھڻو نقصان اسان جو ٿيو.  9 مئي تي اسين هر تڪ ۾ ريليون ۽ جلسا ڪنداسين.  مولانا فضل الرحمان بابت سوال جي جواب ۾  هن چيو ته مولانا فضل الرحمان هاڻي حق ڏانهن هلڻ شروع  ڪيو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.  ملانا اڳ چيو هو ته حڪومت پي ڊي ايم ۽ هن پاڻ ڪيرائي هئي هاڻي چوي ٿو ته پي ٽِي آءِ جي حڪومت باجوه صاحب ڪيرائي. مولانا صاحب هاڻي ڳالهين ۾ شفافيت آڻي. کيس تجربي مان فائدو وٺڻ گھرجي. هو هاڻي تحريڪ هلائي رهيو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، اسين آجيان ڪريون ٿا.  هڪ ليڊر ، جنهن جي ڪري ووٽ ميلو اهو بي گناهه جيل ۾ پيو آهي. علي امين گنڊاپور الزام هنيو ته بشريٰ بي بي کي اهڙي ڪا شيءِ ڏني وئي، جنهن ڪري سندس طبيعت خراب ٿي وئي. اسان ڪي پي حڪومت طرفان خط لکيو هو ته ميڊيڪل بورڊ موڪليو وڃي. انهن جي دل ۾ چور آهي ان ڪري اسان کي اجازت نه پيا ڏين.  ٻيهر خط لکندس ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي ميڊيڪل چيڪ اپ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته پي ڊي ايم جهڙا ايڊوينچر اسان جي نسل کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن  علي امين گنڊا پور دعويٰ ڪئي ته بجلي جي مد ۾ ڪي پي جا 15 سو 10 ارب رپيا وفاق ڏانهن آهن. تماڪ جي مد ۾ حڪوت ڏانهن صوبي جا 300 ارب آهن. صوبي جا اهي پيسا وفاق کان وٺندس. هن چيو ته وفاق کان اهي پيسا ملي وڃن ته ڪي پي ملڪ جو سڀ کان امير صوبو بڻجي ويندو.