ٺري ميرواھه (ن پ ا) ٺري ميرواھه جي ڳوٺ آچر ملاح واسي 20ورهين جو نوجوان وقار پٽ رضا محمد ملاح عورتاڻي آواز تي ھرکجي سکر مان اغوا ٿو ويو، نوجوان جي وارثن منصور علي ملاح ۽ ٻين ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون تي رابطو ڪري ٻڌايو ته وقار ملاح کي اغوا ڪيو آھي، سندس بازيابي لاءِ 50 لک رپين جي ڀنگ جو فوري بندوبست ڪيو وڃي ھن چيو ته اسين انتھائي غريب آھيون، اغوا ٿيل نوجوان گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ ھو،  ھن ڊي آئي جي سکر  ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته نوجوان بازياب ڪرايو وڃي، ميرواھ پوليس جو چوڻ هو ته اھڙي اطلاع بعد معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي .