صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ  ۾ ڳوٺ ڪلوارو جي رهواسي رمضان شنباڻي پنهنجي پٽ 12 سالا رحيمداد شنباڻي سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو، هن چيو ته پٽ رحيمداد شنباڻي مال چاري رهيو هو ته ٻن جوابدارن علي حسن شنباڻي ۽ نادر شنباڻي پٽ سان  بدفعلي ڪئي، صالح پٽ ٿاڻي تي دانهن کڻي ويس، پوليس ڪيس وٺڻ لاءِ پنج هزار رپيا ورتا پر ڪيس داخل نه ڪيو نه ئي جوابدار گرفتار ڪيا، متاثر نينگر جي پيءُ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.