ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي بحالي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) جي سڏ تي سنڌ ورسٽي جي سينٽرل لائبريري اڳيان گڏ ٿي علامتي بک ھڙتال لاءِ تنبو ھڻي احتجاج جي شروعات ڪئي ته ان وقت سنڌ ورسٽي انتظاميا پنھنجا گارڊ ۽ پوليس اٽالا وٺي شاگردن کي احتجاج ڪرڻ کان روڪيندي لڳايل ٽينٽ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي. شاگردن جي مزاحمت بعد  گارڊ ۽ پوليس اھلڪار واپس  ھليا ويا، شاگردن زبير پنھور ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر شاگرد يونين ھجڻ شاگردن جو بھترين مستقبل جي ضمانت آھي، سندن چوڻ هو ته شاگرد يونين تي پابندي سبب شاگرد جا ڪير به مسئلا حل ڪرڻ لاءِ  تيار ناهي، کين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته   شاگرد يونين کي بحال ڪيو وڃي.