اشو آف دي ڊي … نور هجي يا تاج ؟ ڪنگ ۽ ڪنگ ميڪر ڪير ؟ سنڌي ادبي سنگت جي قيادت نوجوان ڪن يا پوڙها؟: سوشل ميڊيا تي بحث

0
396

 سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۽ اميدوارن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، سنڌي ادبي سنگت ۾ ڌڙابندي جي نشاندهي ڪندي هڪ سنگت جي به ڳالهه ڪئي وئي اتي ادبي سنگت جي سرگرمين ۽ ميمبرن جي ڪردار بابت به مختلف سوال اٿاريا ويا. سوشل ميڊيا تي به بحث جاري رهيو ته نوجوانن جي ھڪ باصلاحيت قيادت آڻڻ گهرجي. ان حوالي سان جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مان سائين تاج جويي ۽ سينئر دوستن جو دلي احترام ڪيان ٿو، سنگت جي حوالي سان ٽي نقطا رکان ٿو. هڪ ته سنگت وري هڪ ٿئي، ٻيو ته نون دوستن کي موقعو ملي ۽ ٽيون ته سنگت پنهنجو سنڌي ادب، ٻولي ۽ سماج جي حوالي سان ڪو بامقصد ڪارج پيدا ڪري. اهي سوال فردن ۽ عهدن کان مٿي آهن. جنهن تي شاهد خاصخيلي لکيو ته جڏھن تنظيم جي ئي اھميت ناھي رھي تھ ڇو پيا اجايو قبر کوٽي ان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو، خادم سومرو لکيو ته تاج ۾ اها اهليت آھي جو ادبي سنگت کي سرڪاري ۽ درباري روين مان ڪڍي. عزت وارو مقام ڏياري سگهي ٿو، سنگت کي نوان رخ ڏئي ان جي روح ۽ ڪارج کي زنده ڪندو. تاج جو کٽڻ يا هارائڻ ادبي سنگت جي قسمت ۽ احترام جو فيصلو هوندو.اهو ووٽرن تي آھي ته ادبي سنگت کي سرڪاري ۽ درباري ٿيڻ ٿا ڏين يا شانائتو ادارو. رحمت الله ماڃوٺي لکيو ته ٽئي ڪم ڏکيا ڏسي ڇڏيا، هڪڙي گروهه کي اها ڳالهه ڪانه ٿي وڻي، انهن وٽ سنگت جو آئين، سنگت کان افضل ۽ اتم آهي. نون لاءِ ميدان خالي ڇڏڻ لاءِ به همراهه تيار ناهن، نه ته چاڪراڻي بهتر اميدوار آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي پوسٽ سان اتفاق ڪيو، اعجاز انڙ لکيو ته هتي رڳو عهدن لاءِ وٺ وٺان رهي آهي تنهن ڪري پوڙها به عهدن حاصل ڪرڻ لاءِ سرگردان لڳا پيا آهن جڏهن ته نوجوانن کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي هي ادارن کي ذاتي ملڪيت سمجهن ٿا . اشفاق سومرو لکيو ته سنڌي ادبي سنگت ھاڻي بنا ادب جي اھو فورم آھي جنھن جو ھينئر ڪو به سماجي ڪارج ناھي. ارشاد شيخ لکيو ته تاج جاکوڙي ۽ ڪميٽيڊ اديب آهي . اڌ رات جو پروگرام لاء شڪارپور مان فون ڪبس ته حيدرآباد مان ان مھل ٽرڪ ۾ به چڙهي پوندو، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته بلڪل درست پر هتي جيڪا انا آھي انهي انا اسان جي تنظيمن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، خليل چانڊيو به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، اسد رضا عابدي لکيو ته هاڻوڪي دور ۾ ادبي سنگت جي اهميت ۽ ضرورت ۽ پڻ معيار متعلق به لکو، جئي پرڪاش موراڻي لکيو ته اڌ ھي سنگت ۽ اڌ ٻي سنگت پنهنجيون پنهنجيون ديڳڙيون دم تي رکي ڇڏيون آهن، خليل راڄپر لکيو ته مان ھن دفعي مرڪز تي اميدوار آھيان،ڪامياب ٿيندس ته سنگت جي ناراض/جدا ٿيل دوستن کي ھڪ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، مير انتظار ابڙو لکيو ته مون رابطا سيڪريٽري ٿيڻ جي ڳالھه ڪيم ته منھنجو نالو ووٽر لسٽ مان ڪڍيو ويو، عابد مظهر لکيو ته تاج جويو کي اچڻ ڏيو هو نوجوانن کان وڌيڪ ڪم ڪندو. اسد چاچڙ، بخشل باغي، ڊاڪٽر احسان دانش، راجا الطاف، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، نثار سميجو، رخسانه لغاري به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، رئوف پارس دايو لکيو ته سنڌي ادبي سنگت جي هڪ نه ڪرڻ ۾ پردي پٺيان يا پردي جي اڳيان تاج جويي جو مرڪزي ڪردار رهيو آهي ۽ سنگت جي ايڪتا لاءِ تازو ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ احمد سولنگي جي ڪيل سنجيده ڪوششن دوران هڪ طرف ڊاڪٽر مشتاق تي سندس ڌڙي جو سورهن آنا اعتماد ڪرڻ جي برعڪس احمد سولنگي جي سنگت جي هڪ ٿيڻ واري شديد خواهش کي هڪ ٿيڻ نه ڏنو ويو تنهن باوجود احمد سولنگي مستقبل ۾ سنگت جي هڪ ٿيڻ لاءِ پراميد آهي. ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪئي ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چونڊن ۾ سنڌ جو بيمثال شاعر اياز رضوي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي بيٺل آهي، کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ جي وينتي ڪجي ٿي. رام چند اوڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ تي بين لڳائڻ وارا خواب ڏسندڙ دوست  ٻڌائن ته انھن کي ڪنھن جو آشيرواد آھي. تاج ڏکئي وقت ۾ به ادبي بورڊ بچايو تحريڪ ھلائي سنگت کي سرخرو ڪيو ھو. سخت مارشلا جي دور ۾ ادبي سنگت،  سنڌ جي ھر اشو تي سياسي پارٽين جي اڳواڻي ڪندي رھي آھي. سرڪار جو خوف ڏيئي ادبي سنگت جي ڪارڪنن کي ڊيڄارڻ جي اھڙي ڪوشش کي اسين ادبي سنگت خلاف سازش سمجھون ٿا. جنهن تي فراق هاليپوٽو لکيو ته ملڪ سڄو ماٺار ۾ گم آهي، پر سنڌي ادبي سنگت جاڳي پئي، سليمان سولنگي لکيو ته جاڳي ته ڪانه پئي پر ادبي سنگت کي ننڊ ئي ڪانه ٿي اچي، يونس رند لکيو ته مفاد پرست ٽولو جيڪو به ھوندو اھو حقيقي ماڻھن کي ڪم ڪرڻ ڪونه ڏيندو، ستار سندر لکيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته تاج جھڙو برجستو اڳواڻ اسان وٽ هن وقت ڪوبه ڪونهي اها پروپيگنڊا بدنيتي تي ٻڌل آهي، نور هجي يا تاج هجي ٻئي اسان جا پنهنجا آهن، جيتري بردباري تاج ۾ آهي اوتري ئي سندس شاگرد نور چاڪراڻي ۾ آهي اسان جون ٻنھي لئه نيڪ تمنائون آهن انھن مان جيڪو به چونڊجي اچي ٿو اهو اسان جو اڳواڻ هوندو، الفت حسين لکيو ته سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي زندگي ارپيندڙ ۽ پنهنجو رَتُ سَتُ ڏيندڙ تاج جويو آھي.  کيس ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪرڻ  جي ضرورت آھي ڇا؟

ادبي سنگت جي قيادت نوجوان ڪن

سوشل ميڊيا تي اهو به بحث جاري رهيو ته نوجوانن جي ھڪ باصلاحيت قيادت آڻڻ گهرجي، بيدل مسرور جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سميع ميمڻ لکيو ته تاج جويو کي اليڪشن ۾ بيھڻ ئي نه گهرجي بحرحال ڪِنگ ميڪر پاڻ ٿو ڪِنگ ٿيڻ چاھي ته سندس مرضي پر کيس وعدو ڪرڻ گهرجي ته سرڪاري ميلا نه سنڀاليندو. هدايت بلوچ لکيو ته تاج جويو هر حال ۾ هجڻ گهرجي، عاقب ڪلهوڙو ممتاز بخاري جي راءِ شيئر ڪئي ته اسان وٽ رڳو نوجوان، سينئر، جونيئر جو ورد لڳل آ، مون جيترو پڙهيو ۽ ڏٺو آھي، دنيا ۾ صلاحيت کي اهميت آھي ان جو تعلق عمر سان ناهي، بلڪل نوجوان ۽ عمر جي ڪهڙي به حصي وارو باصلاحيت ٿي سگهي ٿو. ساجده ميمڻ لکيو ته تاج کي ھي موقعو به نوجوانن کي تحفتن نه ڏيڻ گھرجي !؟ غازي خان لکيو ته اج ھڪ جاکوڙي ۽ تجربي ڪار شخصيت آهي ان جي دانش ۽ حڪمت کان نوجوانن کي ڀرپور نموني سان فائدو وٺڻ گهرجي، غلام علي گل لکيو ته ادبي سنگت ۾ هاڻي ساڳيا چگهه ساڳيا لاٽو وارو ڪم پيو هلي، محبوب ڦل لکيو ته رڳو ادبي سنگت ۾ نه پر هر اداري ۾ نوجوانن کي تحرڪ وٺڻو پوندو، غفار شيخ لکيو ته تاج جويو کي ھاڻ آرام ڪرڻ گهرجي ھا. امام علي ڏيٿو لکيو ته با صلاحيت نوجوانن جا وري الڳ مسئلا اٿو، دودو چانڊيو نور چاڪراڻي جي حمايت ڪندي چيو ته نون ماڻهن کي موقعو ملڻ گهرجي، اسان جي سڀني ادارن تي رٽائرڊ ماڻهن جو قبضو آهي نوجوانن کي اڳيان اچڻ ئي نه ٿا ڏين، نوجوانن جي جيتري رستا روڪ سنڌ ۾ آهي ايتري ڪٿي ناهي، ادبي بورڊ ڏسو، بورڊ جا سڀ ميمبر اهڙا آهن جيڪي پنهنجي طاقت تي هلي به نه ٿا سگهن، سگا، انڊوومينٽ فنڊ، سڊڪو، هر اداري تي رٽائرڊ ويٺا آهن ، انگريز چريا ناهن جن زندگي ۾ رٽائرمينٽ جو نظام آندو، نوان ماڻهو ايندا، نوان آئيديا کڻي ايندا، نئون رت وڌيڪ ڪم ڪندو، سو سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي اچڻ گهرجي.