تاج کي گذارش آھي ته هو اعلان ڪري ته هو آخري ڀيرو هن عھدي تي اچي رهيو آھي ان کان پوءِ  نوجوانن جي ھڪ باصلاحيت قيادت کي اڳتي آڻڻ۾ ڪردار ادا ڪندو، ماضيءَ جي غلطين کي وري نه ورجايو ويندو.

ادل سومرو /بيدل  مسرور

پيارا بيدل مسرور  ۽ ادل !

 

اھا خاطري رکو. آءُ ھن ھڪ ئي ٽينيوئر لاءِ سنڌ- سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عھدي تي بيٺو آھيان ۽ چاھيان ٿو ته سنگت کي سرڪار ۽ درٻار جي گھيري مان ڪڍي اوھان جھڙن روشن خيال، خود دار ۽ سنڌ دوست اديبن جي ساٿ سان سنڌ-سنگت جو شمشير ۽ تنوير وارو سنڌ دوست دور واپس آڻڻ ۽ سنگت کي جديد دور جي تقاضائن موجب ھلائڻ جي ڪوشش ڪريان. سينيئر ۽ جونيئر اديبن جون وڇوٽيون ختم ڪريان ۽ ايندڙ وقت ۾ باصلاحيت نوجوان  قيادت لاءِ رستو صاف ڪريان. آئين جا مونجھارا ختم ڪرائي آمريت جي رستا روڪ ڪري “گڏيل قيادت” جي تصور ۽ عملي صورت جي واٽ سنواريان. اوھان جي دعائن، ساٿ ۽ رھنمائيء جي ضرورت آھي.

تاج جويو