اسان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پھرين مرڪزي عورت جوائنٽ سيڪريٽري جو اعزاز ماڻيندڙ،ڏات ۽ ڪلا جي اھم حوالي ۽ سنڌ جي  قداور ۽ ترقي پسند ليکڪا زيب نظاماڻي جا دل سان  ٿورائتا آھيون جنھن وطن دوست پينل جي اڳواڻن جي التجا کي مان ڏيندي منھنجي مقابلي ۾ پنھنجو فارم واپس ورتو ۽ مون کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عھدي تي بنا مقابلي چونڊرايو. سندس اھو تاريخي وڙ ڪڏھن به وسارڻ جوڳو نه آھي.سينئر ليکڪا ھجڻ جي باوجود زيب نظاماڻي پاران مون کي اسپيس ڏيڻ ھڪ شاندار اتساھيندڙ روايت آھي،جنھن عمل ھڪ تمام وڏي اتساھيندڙ سوچ کي جنم ڏنو آھي ۽ اھا اتساھيندڙ سوچ اڳتي ھلي اوس  نوجوانن ۾ ھڪ نئين ڌارا جو روپ اختيار ڪندي.

فائزه ايوب (عورت جوائنٽ سيڪريٽري -سنڌي ادبي سنگت سنڌ)

سنڌي ادبي سنگت – 2 چونڊون

 سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عھدي لاءِ ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پريل دايو، ملھار سنڌي،  ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي ۽ محبوب سنڌيءَ ۾ مقابلو ٿيندو، جوائنٽ سيڪريٽريءَ لاءِ خاڪي جاني، ڊاڪٽر انور پرديسي، ڊاڪٽر وحيد سمائر،  اياز لطيف دايو، شبير سيال ۽ مسافر ھاليپوٽو فارم ڀرايا آهن، عورت جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عُھدي لاءِ  عين سحر ۽ ڪوثر ڦلپوٽو جا ڪاغذ بحال رکيا ويا. خزانچيءَ جي عھدي لاءِ نعيم ملڪ، اياز لطيف دايو، اُداس سولنگي، اعظم ڀَٽي ۽ محترم مظھر خاصخيليءَ اميدوار آهن، آڊيٽر جي عُھدي لاءِ محبوب سنڌي، راھب ملاڻو، اعظم ڀَٽي، ڊاڪٽر انور پرديسي، اداس سولنگي ۽ اياز لطيف دايو فارم ڀرايا آهن.

 سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن لاءِ اميدوارن جي ھٿ کڻڻ بعد حتمي لسٽ موجب مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عھدي لاءِ تاج جويو ، نور چاڪراڻي ۽ اياز ابڙو حتمي اميدوار آھن.جڏھن ته آزاد انور ،خالد راڄپر ۽ مارو جماليءَ ھٿ کنيو آھي. مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري جي عھدي لاءِ آزاد انور ڪانڌڙو ، خالدراڄپر ، اياز رضوي ۽ احساس ميرل حتمي اميدوار آھن. جڏھن ته نبي بخش پريمي ۽ سجاد ميراڻي ھٿ کڻي ويا آهن. مرڪزي عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عھدي لاءِ فائزه ايوب سولنگي کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏجي ٿو. جڏھن ته زيب نظاماڻي ھٿ کڻي وئي. مرڪزي خزانچي جي عھدي لاءِ خطائي ٿيٻو، رمضان ميمڻ ۽ دلدار جانوري اميدوار آھن. نبي بخش پريمي ،سجاد ميراڻي ۽ اسد چاچڙ ھٿ کڻي ويا آهن. مرڪزي آڊيٽر جي عھدي لاءِ اسد چاچڙ ۽ حسين سارنگ اميدوار آهن. رمضان ميمڻ ۽ ساگر يوسف منگي  ھٿ کڻي ويا آهن. اميدوار 26 نومبر 2022 تائين چونڊ مھم ھلائي سگھندا ۽ 27 نومبر تي اليڪشن ٿيندي.