حيدرآباد: وفاقي سرڪار اسٽيشن ڊائريڪٽر کي 5 لک رپين کان وڌيڪ پگهار ڏيڻ سميت پروڊيوسرن، انجنيئرن ۽ ٻئي عملي تي ساليانو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ٿي جڏهن ته پروگرامن جي مد ۾ پڻ ماهوار لکين رپيا جاري ٿين ٿا پر ان جي باوجود ريڊيو جي پروگرامن جو معيار بهتر ٿيڻ بدران جديد دور ۾ به خراب ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري ريڊيو جا ٻڌندڙ آهستي آهستي ريڊيو کان پاسيرا ٿي رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريڊيو جي ڀلائي بدران اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ پورا آهن. تازو ئي هڪ پروگرام مئنيجر کي مٺي بدلي ڪيو ويو جڏهن ته انجنيئرن جي کوٽ جي باوجود هتان هڪ انجنيئر کي بدلي ڪري ميرپور آزاد ڪشمير موڪليو ويو هو.