حيدرآباد: موجوده اسٽيشن ڊائريڪٽر پنهنجي مقرري جي پهرين پيرڊ ۾ ريڊيو جي تاريخي لان سميت خالي پيل پلاٽ ۽ اڪائونٽ سيڪشن کي اضافي قرار ڏيڻ جي رپورٽ ڏني هئي جنهن کانپوءِ زمين کي وڪرو ڪرڻ جون تياريون به شروع ڪيون ويون هيون. اڪائونٽ سيڪشن کي اضافي قرار ڏئي اي پي پي جي حوالي ڪيو ويو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي ساليانو ڪروڙين رپين جي بجيٽ جي باوجود بجلي وڃڻ جي صورت ۾ هڪ ڪلاڪ لاءِ به جنريٽر چالو نٿو ڪيو وڃي جنهن جي ڪري اڪثر طور ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماڻهو ريڊيو جي نشريات ٻڌڻ کان محروم رهن ٿا.