سيوھڻ/ سن(نمائندا) سنڌ پيادل مارچ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سنڌ پيادل مارچ ۾ شامل صدر سيد زين شاهه ۽ روشن ٻرڙو پاران سيوھڻ ۾ قلندر جي درگاهه تي حاضري ڀري سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاء دعائون گھريون. ان کان اڳ سنڌ يونائيٽيڊ  پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ۽ روشن ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ مارچ درگاهه قلندر کان سيوھڻ پريس ڪلب پھتو ته قومي ڪارڪنن پاران مارچ ۾ شامل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وک وک تي شاندار آجيان ڪئي. درگاهه قلندر جي صحن ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولھ ڪندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ 2007 کان 2022 تائين پيپلزپارٽي تي ھٿ رکي اقتدار حوالي ڪري سندس احتساب روڪرائي ڇڏيو آهي ۽ پيپلزپارٽي جي حڪمرانن سنڌ جي وڏي ڦرلٽ ڪئي آهي ۽ ھنن ترقياتي فنڊن سان گڏ ٻوڏ متاثرن لاء آيل پرڏيھي  فنڊ به ھڙپ ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري عوام مھانگائي  ڪري سخت ڏکيائين کي مبھن ڏيڻ تي مجبور آهي, اسٽيبلشمينٽ کي ھاڻي گھرجي ته زرداري ۽ پيپلزپارٽي  جي سرپرستي ختم ڪري عوام کي پنھنجا حقيقي حڪمران چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي.  بعد ۾ مارچ لڪي شاهه صدرپهتو ۽ درگاه لڪي شاهه صدر تي پهچي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خوشحالي جي لاء دعائون گهريون ويون.  زين شاهه جو چوڻ ھو  ته ملڪ کي احتساب ۽ ايمانداري سان هلائي سگهجي ٿو۔ملڪ انتهائي خطرناڪ صورتحال تي پهتو آهي ۽ بحران ۾ ٻڏل آهي ۽ سنڌ جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي .