لکي غلام شاهه (ن پ ا) لکي غلام شاھ لڳ  معصوم نينگر سان مبينا بدفعلي ، اسپتال منتقل، ان ڏس ۾  لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ لال چاچڙ ۾ ڳوٺ جي اوطاق ۾ 6 ورهين جي امجد علي پٽ واحد چاچڙ کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، نينگر کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف نينگر جي والد جي فرياد تي دائم ملڪ ٿاڻي تي الزام هيٺ آيل جوابدار سجاد علي چاچڙ خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي،.هوڏانهن لکي غلام شاهه اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر خادم ڀٽي جو چوڻ آهي ته نينگر جا جزا وٺي روهڙي ليبارٽري موڪليا آهن.