حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊيريز ۽ دڪاندارن پاران کير جو في ليٽر 200 رپيا وڪرو ڪرڻ کانپوءِ ضلعي انتظاميا تحرڪ وٺندي کير جو في ليٽر 160 رپيا مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واڙي مالڪ کير 154 رپين ۾ وڪرو ڪندا جڏهن ته ريزڪي دڪاندار کير جو في ليٽر 160 رپين ۾ وڪرو ڪري سگهندا. جڏهن ته پرائيز ڪنٽرول ڪميٽيون واڌو اگهه وٺندڙ ڊيري مالڪن ۽ دڪاندارن خلاف ڪارروايون ڪن. ڊي سي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جون ڪاپيون سيڪريٽري خوراڪ، ڊائريڪٽر جنرل بيورو آف سپلائي، ڪمشنر ۽ ايس ايس پي سميت لاڳاپيل عملدارن ڏانهن اماڻيون ويون آهن. واضح رهي ته واڙي مالڪن کير 168 رپين مان وڌائي 185 رپيا في ليٽر ڪيو هو جنهن بعد ڊيري مالڪن ۽ دڪاندارن به کير جي اگهه ۾ 20 رپيا اضافو ڪندي في ليٽر 200 رپين جي حساب سان وڪرو پئي ڪيو. گذريل ٽن ڏينهن کان کير جا واڌو اگهه وٺندڙ ڊيري مالڪ ۽ دڪاندارن خلاف انتظاميا ڪارروايون ڪري کانئن ڏنڊ وصول ڪيا هئا پر هاڻي سرڪاري طور ضلعي انتظاميا کير جا نوان اگهه مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.