حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ گهرجي. ڪنهن هڪ شخص جي انا خاطر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هاڻي يوٽرن کان مٿي يوٽرن جي ڳالهه آهي. آئون ڳالهين بابت ڪجهه ٻڌائڻ نٿو چاهيان پر چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. حيدرآباد ۾ پ پ جي سينيٽر مولابخش چانڊيو سان سندس ڀاءُ ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عرفان گل مگسي سان سس جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي. منهنجي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن کانپوءِ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. وڏي وزير ڪشمور جي ايس ايس پي پاران چارج ڇڏڻ واري پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪشمور ۾ جيڪا حالت هئي، شايد شبير سيٺار برداشت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته هر ماڻهو چوي ٿو ته ڪرائيم تمام گهڻو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مونکي ٻڌايو هو ته ڪرائيم کي 10 ڀيرا ڏيکاريو وڃي ٿو پر ٻيو رخ نٿو ڏيکاريو وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي آدمشماري تي 2017ع کان تحفظات آهن. تازو ٿيل مردمشماري دوران سموريون سياسي پارٽيون خوش ٿيون پر پوءِ به مون 11 خط لکيا هئا ته ماڻهن کي مردمشماري قبول ناهي. هن چيو ته برساتن سبب سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو. سڄي سال جي ترقياقي بجيٽ 150 ارب رپيا هجي ٿي، هتي رڳو گهرن کي 500 ارب رپين جو نقصان ٿيو. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين بئنڪ سان ڳالهيون ٿيون آهن ته جيئن آبپاشي نظام ۽ روڊن جي بحالي وارو ڪم شروع ڪري سگهجي. جيڪڏهن آر بي او ڊي گنجائش کان 6 ڀيرا وڌي ته بريڪ ٿي سگهي ٿو. وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته ٻڏل زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. جنهن ڪري ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو.