اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، ذريعن موجب فرخ حبيب پي آءِ اي جي اُڏام ذريعي دبئي وڃي رهيو هو، اسٽاپ لسٽ ۾ نالو هجڻ سبب ايف آءِ اي کيس روڪي ڇڏيو، فرخ حبيب جو پاسپورٽ، بورڊنگ ڪارڊ ۽ سامان به تحويل ۾ ورتو ويو، فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو  آهي ته پنهنجي هڪ فيملي ميمبر جي عيادت لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو هئس پر فاسشٽ حڪومت روڪي ڇڏيو.