اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ٽائون  ڪاميٽي جي وڌيڪ ٻن وارڊن تان پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب، ٻن وارڊن تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ مقابلو ٿيندو، خبر موجب اسلام ڪوٽ ٽائوم ڪاميٽي جي پنج وارڊن مان ڪالھه وڌيڪ ٻن وارڊن تي پ پ جا اميدوار اڳوڻو ٽائون چيئرمين  ڪمليش ڪمار لوهاڻو ۽ ڇڳن ڪولهي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته پ پ جو هڪ اميدوار الهڏنو بجير اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو آهي، هاڻي رڳو وارڊ 2 تي پ پ جي ڊاڪٽر شنڪر لال وانڪواڻي ۽ پي ٽي آءِ جي گومون  ڀيل ۽ وارڊ نمبر 5 تي پ پ جي ڪرشن سنگھه راجپوت ۽  پي ٽي آءِ جي جان محمد خاصخيلي ۾ مقابلو ٿيندو، هوڏانهن ٻن اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي پ پ  پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ جيالن دهل تي جهمريون هنيون،