جوهي: قانوني ماهرن موجب وائيس چيئرمين اميدوار جي غيرموجودگي جي  ڪري چيئرمين جي اميدوار جو فارم رد نٿو ڪري سگھجي، اهڙي طرح يونين ڪائونسل شاھ حسن ۾ مقرر آر او هاء ڪورٽ آف سکر جي حڪمن کي تڏي ڇڏيو. وائيس چيئرمين جي چونڊن مان هٿ کڻڻ بعد  چيئرمين چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو پر آر او يونين ڪائونسل شاھ حسن ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ عورت عظيمان شاھاڻي جو فارم وائيس چيئرمين نه اچڻ جو جواز ڄاڻائي رد ڪري ڇڏيو.  ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بنچ خورشيد شاهه جي پٽ زيرڪ شاهه جي سامهون بيٺل وائيس چيئرمين جي اميدوار جو فارم رد ڪرڻ وارو فيصلو  ختم ڪندي سندس فارم بحال ڪري ڇڏيو هو. آر او زيرڪ شاهه جي سامهون واري گروپ جي چيئرمين پاران هٿ کڻڻ تي وائس چيئرمين جو فارم به رد ڪيو هو، جنهن خلاف ڄاڻايل اميدوار هاءِ ڪورٽ ويو هو.