لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) تعلقي باقراڻي جي ڪچي جي ڳوٺ ميرا ٻيلا ۾ جي ڊي اي اميدوار اعتبار جتوئي  جي چونڊ مهم دوران ماڇي خان جتوئي بيهوش ٿي ويو، جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران  فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. حاجي مظهر جتوئي ٻڌايو ته والد مائٽ جي ڊي اي اميدوار اعتبار جتوئي جي چونڊ مهم هلائي رهيو هو ته ڪچي جي ميران ٻيلا واري علائقي ۾ دل جي دوري سبب بيهوش ٿيو، جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.