اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي شهري 22 سالن بعد گهر ٻاهران لڳل ٽرانسفارمر هٽائڻ جو ڪيس کٽي ورتو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار رهواسي محمد يونس ملڪ جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو، درخواستگذار سمنڊپار پاڪستاني آهي، سال 2000ع ۾ آئيسڪو سندس گهر ٻاهران بجلي جي ٽرانسفارمر لڳايو هو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته ٽرانسفارمر گهروارن لاءِ خطرو آهي، ٽرانسفارمر هٽائڻ لاءِ آئيڪسو چارجز گهري، عدالت آئيسڪو کي ٽرانسفارمر هٽائڻ جو حڪم ڏنو.