ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پسند جو پرڻو ڪندڙ خيرپور ميرس واسڻ ناهيد سميت ٽن نارين پاران تحفظ لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران پيار جو پرڻو ڪندڙ عتيقه ۽ سڪينه جو 161 جو بيان وٺي سندن مڙسن سان وڃڻ جي اجازت ڏيندي درخواستون اڪلائي ڇڏيون. عدالت جاچ آفيسرن کي ٽن ڏينهن ۾ ڪيسن جي سي ڪلاس رپورٽ ٽرائيل ڪرڻ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته عدالت خيرپور ميرس واسڻ ناهيد کي پڻ تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت پسند جو پرڻو ڪندڙ نارين عتيقه ۽ سڪينه جو 161 جو بيان وٺي پنهنجن مڙسن سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڏيو آهي. ٻڌڻي دوران نارين پنهنجي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته اسان کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، جنهن تي عدالت ڄاڻايل ٻنهي نارين عتيقه ۽ سڪينه کي پنهنجي مڙسن سان وڃڻ جي اجازت ڏيندي درخواستون اڪلائي ڇڏيون. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسرن کي ٽن ڏينهن ۾ ڪيسن جي سي ڪلاس رپورٽ ٽرائيل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته پسند جو پرڻو ڪندڙ ٻنهي نارين جي والدين طرفان سندن مڙسن خلاف اغوا جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. ان موقعي تي عدالت پسند جو پرڻو ڪندڙ خيرپور ميرس واسڻ ناهيد کي پڻ تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ناري ناهيد پڻ عدالت آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ناريءَ جي گهر وارن ناري کي ڪاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ڪري ناري ۽ سندس مڙس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ ويا ته کين قتل ڪيو ويندو جنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته لاڳاپيل ٽرائيل ڪورٽ ۾ صرف وڪيل ذريعي پيروي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.