اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي حوالي سان تازو بيان ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن چيو هو ته پيٽرليم شين جي اگهن بابت اعلان اڄ ٿي سگهي ٿو، وزيراعظم آفيس ناڻي واري وزارت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پر ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل واضح ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو فيصلو اڄ نه سڀاڻي ٿيندو. هڪ انٽرويو ۾ هن اهو چئي عوام جي پيٽرول سستو ٿيڻ جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ته پيٽرول يا ڊيزل جي قيمت ۾ رڳو 8 پئسن جي لاٿ ٿيندي. سندس موجب اهو چوڻ مناسب نه هوندو ته ڊالر هيٺ ايندو پر ڊالر هيٺ اچڻ گهرجي، ٻوڏ سبب مارڪيٽ ۾ اعتماد گهٽيو آهي، جنهن جي ڪري رپئي جو قدر ڪِريو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته مان سمجهان ٿو ڊالر هيٺ ايندو، پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو، اسٽيٽ بئنڪ وٽ ايترا ڊالر ناهن ته مارڪيٽ ۾ مداخلت ڪري. ناڻي واري وزير چيو ته جرمني ۽ فرانس ۾ بجلي جو في يونٽ 250 رپيا آهي، جڏهن ته پاڪستان 80 رپين جو يونٽ 35 رپين ۾ ڏئي رهيو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ملڪ ۾ غير موجودگي سبب گذريل ڏينهن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو اعلان نه ٿي سگهيو، وزيراعظم جي واپسي تي اعلان ٿي سگهي ٿو.