اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيرين مزاري کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
188

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي گرفتاري تي وفاقي حڪومت کي عدالتي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالتي حڪم کانپوءِ شيرين مزاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پھچايو ويو آهي ۽ کيس عورت پوليس اهلڪار عدالت پھتي

ان موقعي تي شيرين مزاري چيو ته منهنجو فون اڃا واپس ناهي ڪيو ويو، منهنجي گرفتاري پٺيان ن ليگ ۽ راڻا ثناءُ الله جو هٿ آهي

”مون کي وارنٽ نه ڏيکاريا ويا،“ هن چيو. ”مون کي عورت پوليس اهلڪارن ڪار مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو

شيرين مزاري چيو ته سادو ڪپڙن ۾ هڪ شخص منهنجو موبائيل فون کسي ورتو جيڪو اڃا تائين واپس ناهي ڪيو ويو، منهنجا ناخن ڇڪيا ويا، مجرماڻو رويو اختيار ڪيو ويو

هنن چيو ته مون کي موٽر وي تي وٺي ويا ۽ چڪري وٽ ڪار روڪي، مون چيو ته مان 70 سالن جو آهيان ۽ بيمار آهيان. هڪ ڊاڪٽر آيو ۽ چيو ته توهان جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرڻو آھي ته اهو ڏسڻو آھي ته توهان سفر ڪرڻ جي قابل آهيو يا نه

ياد رهي ته اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ٽيم اڳوڻي وفاقي وزير کي اسلام آباد جي ڪوهسار پوليس اسٽيشن جي احاطي مان گرفتار ڪيو هو پر پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مزاري کي 11:30 وڳي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو