اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي 2 عورت وڪيلن کي گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. وڌيڪ ٽن وڪيلن معراج ترين، شائسته تبسم ۽ ياسمين سڌو جي ضمانت جي درخواست به رد ٿي پر اهي عدالت ۾ پيش نه ٿيا جنهن ڪري گرفتار نه ٿي سگهيا. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جواد راجا عباس حسن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت اهي درخواستون رد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. ضمانت رد ٿيڻ تي 2 عورت وڪيلن بشريٰ سليم ۽ شهلا بي بي کي عدالتي ڪمري ٻاهران گرفتار ڪيو ويو جن کي عدالت جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس بلاڪ تي حملي واري ڪيس ۾ عورت وڪيل فرزانه فيصل خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ درخواست تي وفاق کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ تي حملي واري ڏينهن هڪ فوتگي تي ويل هيس، عدالت چاهي ته موبائل فون جي سي ڊي آر ڪڍرائڻ جي هدايت ڪري.