ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت مزار قائد جي مبينا بي حرمتي واري ڪيس ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر، مريم نواز ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ قائد اعظم مينيجمينٽ بورڊ جي درخواست تي جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.