ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن کي مارڻ خلاف درخواست تي پٽيشنر جي وڪيل کان ڪتن ڏاڙهڻ وارن واقعن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪالهه جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ آڏو درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪتن کي مارڻ تي درخواستگذار کي افسوس آهي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪتا انسانن کي ڏاڙهي رهيا آهن، انهي جو پٽيشنر کي افسوس يا احساس ناهي، ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڇتا ڪتا روزانو ڪيترن ٻارن کي ڏاڙهين ٿا؟ درخواستگزار جي وڪيل عبدالله نقوي چيو ته ڪراچي ۾ ڪتن کي گوليون هڻي ماريو پيو وڃي، جانورن جي حقن جو تحفظ لازمي آهي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر چيو ته توهان جانورن جي ڀلائي (اينيمل ويلفيئر) جو ڪم ڪري رهيا آهيو، ٿورو هيومن رائٽس ( انساني حقن) کي به ته ڏسو ، جن ٻارن کي ڪتا ڏاڙهي رهيا آهن، انهن جو اوهان کي ڏک ناهي، انسان لاءِ ڪجهه ڪرڻو هجي ته ڳالهايو، توهان ته ڪتن لاءِ درخواست کڻي عدالت پهچي ويا آهيو، عدالت درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.