ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان گورنر راڄ جو مطالبو ڪندي ٻيهر نئين صوبي جو راڳ آلاپڻ لڳي، ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته رياست ماءُ هوندي آهي پر پ پ سرڪار ويڳي ماءُ به نه پر ڏانئڻ آهي، اڄ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ پرامن طبقو واپاري به مزاحمت جي ڳالهه پيا ڪن، آئين ۾ گورنر راڄ جو آپشن ڇو آهي؟ اهو ڪڏهن استعمال ٿيندو؟ ڪالهه بهادر آباد مرڪز تي واپاري اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي کي رشوت خورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي رحم تي ڇڏيو ويو آهي، هاڻي هن شهر جي ٽيڪس ڏيڻ واري اگهه ختم ٿي رهي آهي، جڏهن ٻيا شهر ٽيڪس ڏيندا ته ڪراچي شهر به ٽيڪس ڏيندو، اسين ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص جي لکين ماڻهن جو مينڊيٽ وٺي آيا آهيون ته صوبو ٺاهيو وڃي، اسان سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي آهي ته شهري سنڌ جا ٽيڪس ۽ يوٽلٽي بلز معاف ڪيا وڃن، هن چيو ته واپارين جو مطالبو صحيح آهي ته رات جو اٺين وڳي تائين ڪاروبار کوليو وڃي، ڪورونا جي ڳالهه ڪندڙ حڪمران 24 ڪلاڪ ڪاروبار کليل رکن ته مارڪيٽن مان رش ختم ٿي ويندي، انهي کان اڳ مختلف واپاري تنظيمن جي اڳواڻن عتيق مير، سيد اختر شاهد ۽ ٻين چيو ته گذريل 18 مهينن دوران سندن ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي، اهي معاشي طور سخت متاثر ٿيا آهن، هڪ طرف ايس او پيز ۽ لاڪ ڊائون جي نالي تي پوليس تنگ پئي ڪري ته ٻئي سرڪار پاران ڪاروبار تي پابندي لڳائي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بند پيل شادي هال ۽ ٻيا ڪاروبار کولي رات جو 8 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني وڃي.