اسلام آباد جا رستا کلي ويا، عمران خان سان ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن: راڻا ثناءُ الله

0
232
اسلام آباد جا رستا کلي ويا
اسلام آباد جا رستا کلي ويا، عمران خان سان ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي تياري ڪرڻي آهي، پر اسان مڪمل تياري ڪري ورتي آهي، عمران خان جهڙي ماڻهو سان ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسلام آباد جي ريڊ زون کي اڄ کوليو پيو وڃي
گهرو وزير چيو ته عمران خان اسلام آباد اچڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته ريڊ زون کي ٻيهر بند ڪيو ويندو
راڻا ثناءُ الله چيو ته صوبن کان پوليس جي اضافي نفري گهري اٿئون، صوبن پوليس نفري نه اُماڻي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي
هن وڌيڪ چيو ته مظاهرين تي شيل ۽ پلاسٽڪ جون گوليون هلائڻ لاءِ جديد طريقو اختيار ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

توهين عدالت ڪيس: عمران خان معافي وٺي ڇڏي

سُپريم ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ کي ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ جو مشورو