چيف جسٽس جي آبزرويشن آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي: فواد چوڌري

0
186

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيف جسٽس آف پاڪستان طرفان پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪيو
فواد چوڌري چيو ته احترام سان چوان ٿو ته چيف جسٽس جي آبزرويشن آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي، اسيمبلي جو مُدو 5 سالن لاءِ آهي
هن چيو ته جنهن اسيمبلي تي عوام اعتماد نٿو ڪري، اُن کي ٽوڙيو وڃي


پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته چونڊن جي خرچ کان وڌيڪ قيمت اسان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڏئي رهيا آهيون، جنهن ذريعي چونڊن کي روڪيو ويو

ھي به پڙھندا

سُپريم ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ کي ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ جو مشورو

توهين عدالت ڪيس: عمران خان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد جا رستا کلي ويا، عمران خان سان ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن: راڻا ثناءُ الله