سُپريم ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ کي ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ جو مشورو

0
254
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ کي ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ جو مشورو ڏنو ويو آھي پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي استعيفائن جي مرحليوار منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته عوام توهان کي 5 سالن لاءِ چونڊيو آهي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ ھو تھ پي ٽي آءِ ميمبرز پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ئي اصل ذميواري آهي، هينئر ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو بيگهر ٿيا آهن

چيف جسٽس چيو تھ ٻوڏ متاثرن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، ملڪ جي معاشي حالت به ته ڏسو، پي ٽي آءِ کي اندازو آهي ته 123 سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ ڪيترو خرچ ٿيندو؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قانون جو گهرائي سان جائزو وٺي فيصلو ڏنو آهي، اسپيڪر جي ڪم ۾ مداخلت عدليه لاءِ وڏي ڏُکيائي جو ڪم آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان ۾ همت آهي ته مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ جو نالو کڻي: مريم نواز

عمران خان ڀلي رڙيون ڪري، آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم ڪندو: فضل الرحمان