القدس(م ڊ) اسرائيلي فورسز اولهندي ڪناري جي جينن ڪيمپ ۾ ڪارروائي ڪري فلسطيني ڇوڪري سميت  3 ڄڻن کي شهيد ۽ 10 کي زخمي ڪري ڇڏيو. اسرائيلي فوج جمعي جي ڏينهن اها ڪارروائي ڪئي. جنهن ۾ گولاباري ڪرڻ بعد گاڏين تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن تي رهواسين مزاحمت ڪئي . زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. شهيدن جي سڃاڻپ يوسف نصر صلاح، برا ڪمال لاهلو ۽ ليث صلاح ابو سرور طور ٿي آهي. ان واقعي خلاف هزارين فلسطينين احتجاجي مارچ ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.