اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاران ڪراچي  ۾ ننڍي چونڊ دوران پولنگ نمبر 165 تي حملو ڪرڻ جي  حوالي سان پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو: تڪ ۾ بيلٽ باڪس ٽوڙڻ بيلٽ پيپر کسڻ ، سرعام هٿيارن جي نمائش ڪرڻ ۽ عملي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري مامري تي سنڌ جي وڏي وزير کي خصوصي اجلاس طلب ڪرڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  ننڍي چونڊ بابت بريفنگ ڏني وئي،  اجلاس ۾ پولنگ نمبر 51 ۽ 165 تي بيلٽ پيپر کسڻ، پولنگ اسٽاف کي تشدد ڪري بيلٽ باڪس ٽوڙڻ، ۽ سر عام هٿيار لهرائي ووٽرن ۾ هراس  پکيڙڻ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر پاران موڪليل رپورٽ جو پڻ جائزو ورتو ويو، ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي چيف سيڪريٽري،  ۽ آءِ جي پوليس سان فون تي رابطو ڪري چيو ته تڪ ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ ووٽرن کي پرامن ماحول فراهم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، آءِ جي سنڌ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ٻڌايو ته واقعن ۾ اڍائي سئو ماڻهو ملوث هئا، جن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيف اليڪشن ڪمشنر کي هر قسم جي معاونت ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي، چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي  وڏي وزير کي چيو ته هو انهي مسئلي  تي خصوصي اجلاس طلب ڪري ته جيئن اين اي 245 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۽ مڪاني چونڊن ۾ اهڙا واقعا نه ٿين، صوبائي حڪومت چونڊن ۾ فول پروف سيڪيورٽي جي انتظامن کي يقيني بڻائي، اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪيو ته پولنگ اسٽيشن نمبر 165 تي حملو ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو،