ڪراچي: پي ايس پي سربراهه  ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪورنگي ننڍي چونڊ  ۾ ڌانڌلي ڪري زبردستي ايم ڪيو ايم کي کٽرايو ويو، 2018ع جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ  ۽ هينئر  وري ٽي ايل پي کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٽي ايل پي سربراهه جي موجودگي ۾ اسان جي ڪارڪنن تي حملا ٿيا، هڪ ڪارڪن شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، مٿان وري اسان تي ڪيس داخل ڪري 40 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ڪالهه پاڪستان هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ايس پي اميدوار ننڍي چونڊ ۾ 13927  ووٽ کنيا آهن، جنهن جو ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ موجود آهي، انهي هوندي فراڊ ذريعي 10 هزار ووٽ حاصل ڪندڙن کي کٽرايو ويو، هن چيو ته مون تي به گوليون هلايون ويون، آئون زخمي ٿيڻ  باوجود ڪارڪنن سان گڏ  رهيس ، هن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪري مٿن داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن، هوڏانهن اليڪشن واري ڏينهن فائرنگ ۾ مارجي ويل پي ايس پي ڪارڪن سيف الدين جي جنازي نماز خواجا غريب نواز مسجد لانڍي ۾ ادا ڪئي وئي.، جنهن ۾ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا شريڪ ٿيا