ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي توهين واري نوٽيس تي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، عدالت چيو ته جيستائين عدالت جو فيصلو نه اچي، اليڪشن ڪميشن ڪا به ڪارروائي نه ڪري، اسد عمر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اسد عمر کي توهين آميز ريمارڪس تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.