اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽرن ڪالهه به پارليامينٽ هائوس کان ريلي ڪڍي سپريم ڪورٽ جي سامهون احتجاج ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ، سينيٽر اعظم سواتي کي انصاف نه ملڻ ۽ ارشد شريف جي قتل جي خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان سراپا احتجاج آهيون پر اسان جي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي، شهزاد وسيم چيو ته 26 نومبر تي عمران خان راولپنڊي ايندو ۽ اهو فيصلو ٿي ويندو ته اڳتي بند ڪمرن بدران سمورا فيصلا عوام ڪندو، سينيٽر شبلي فراز چيو ته جيستائين مطالبا تسليم نه ٿيندا سينيٽر احتجاج جاري رکندا.