لاهور (م ڊ) سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته عمران خان جي مرضي آهي جيڪو به چئي ڇاڪاڻ هو عوام ۽ اسٽيلشمينٽ جو لاڏلو آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي جاويد هاشمي چيو ته اڳواڻ جو ڪم تحفا وٺڻ نه هوندو آهي، دنيا جا اڳواڻ تحفا ناهن وٺندا، پر انهن تحفن کي نيلام ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته آئون سڀني کي چوان ٿو ته جنهن به تحفا ورتا آهن اهي واپس ڪن، جنهن تحفا وڪرو ڪيا اهي قوم کان معافي گهرن، وزيراعظم ۽ صدر توشا خانه مان شيون ورتيون ته ڇو ورتيون؟ اڳواڻ جو ڪم توشا خانه مان شيون وٺڻ ناهي هوندو، هي قوم جي امانت آهي، جڏهن سياستدانن جو ڪردار مضبوط هوندو ته ملڪ هلندو. عمران خان مٿان حملي ۽ ارشد شريف قتل ڪيس جي حوالي سان گذريل ڏينهن نوازشريف مٿان الزام هڻندڙ شخص جي حوالي سان جاويد هاشمي چيو ته تسنيم نالي شخص کي نٿو سڃاڻان پر حقيقت کلي وئي ته هو ٻه نمبري ماڻهو آهي. سينيئر سياستدان چيو ته مون کي خبر ناهي ته عمران خان مٿان ڪنهن جي چوڻ تي حملو ڪيو ويو پر عمران خان حملي جو ڪيس ڇو نه داخل ڪرايو، عمران خان ڪمپرومائيز ڪري ورتو، کيس ڪمپرومائيز ڪرڻ بدران ڪيس داخل ڪرائڻ گهرجي ها. جاويد هاشمي وڌيڪ چيو ته هر ڀيري يو ٽرن وٺڻ سان سنجيدگي ناهي رهندي، عمران خان جيترا قدم کنيا انهن تي قائم ناهي رهيو، هن جيڪي ڳالهيون ڪيون انهن سڀني تان ڦري ويو. جاويد هاشمي چيو ته عمران خان پرويز الاهي کي ڦورو چوندو هيو پر هاڻ هن پورو پنجاب ان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي مرضي آهي هو جيڪو به چئي ڇو ته هو عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جنهن ڏينهن پاڪستان ۾ عوام جي حڪومت کي ٺهڻ ڏنو ويندو ملڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ جاويد هاشمي چيو ته نوازشريف کي هاڻ هڪ لمحو به ضايع نه ڪرڻ گهرجي کيس فوري طور تي پاڪستان اچڻ گهرجي.